مير محمد نورنگي جاگيراڻي

مير محمد نورنگي جاگيراڻي: مولانا مير محمد ولد محمد هاشم جاگيراڻي بلوچ، 18 شوال 1274هه/1866ع تي ڳوٺ راضي ڳورڙ ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم والد کان ورتائين، بعد ۾ پير ڳوٺ تعلقي قنبر جي مولوي عبدالله ۽ مولوي فيض محمد ٻير واري وٽان فارسي پڙهيو. علم صرف و نحو ۽ منطق جي تعليم ڳوٺ ابڙا مان مولانا محمد اسماعيل وٽان حاصل ڪيائين. ڪجهه ڪتاب مولوي عبدالله بنگل ديرائي ۽ مولوي غلام محمد آگري وٽ به پڙهيو. پني عاقل ۾ مولانا قمر الدين انڍڙ وٽان منطق جو درس ورتائين. مولانا مير محمد هڪ وڏو عالم ۽ مدرس ٿي گذريو آهي. هيءُ نيڪ سيرت انسان هو. کيس پنهنجو هڪ وڏو ڪتب خانو هوندو هو، جنهن ۾ عربي، فارسي، اردو ۽ سنڌي ڪتاب هزارن جي تعداد ۾ موجود هئا، تن ۾ ڪيترائي قلمي صورت ۾ پڻ هئا. مولوي مير محمد پنجيتاليهه ورهيه درس و تدريس ڏنو. 76ورهين جي ڄمار ۾جمعي رات 10 محرم الحرام 1361هه مطابق 1942ع تي وفات ڪيائين. سندس مزار نورنگ واهه ڳوٺ جي قبرستان ۾ موجود آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1274.10.18  هجري

مولانا مير محمد ولد محمد هاشم جاگيراڻي بلوچ، 18 شوال 1274هه/1866ع تي ڳوٺ راضي ڳورڙ ۾ جنم ورتو.


1361.01.10  هجري

مولوي مير محمد پنجيتاليهه ورهيه درس و تدريس ڏنو. 76ورهين جي ڄمار ۾جمعي رات 10 محرم الحرام 1361هه مطابق 1942ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ايسر سنگهه بيدي
جگجيت سنگهه
ڀڳت موهن
در محمد عالماڻي
اين جي مجمدار
خواجه محمد طاهر بخشي نقشبندي
جمالي حاجي محمد بخش
ثريا ملتانيڪر
ايشور ڀارتي
تهذيب السلام رضوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون